پنچم راڳڻي

پنچم (راڳڻي): پنچم راڳڻي ماروا ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. هيءَ اترانگ جي راڳڻي آهي. هن ۾ ٻئي مڌمون هڻندا آهن. مڌم چٽو هئڻ ڪري للت جو انگ ڏسي ٿي ۽ صورت ڀٽيار سان مشابهت رکي ٿي. ڪي پنچم جو سر ورج ڪندا آهن. هڪ شڪل پنچم راڳ جي هيءَ به آهي ته رکب کي ڪڍي ڇڏڻ سان هيءَ ڀٽيار کان ڇڄي بيهندي آهي. هن جي خاص تان: گي- پا گي- را سا- نِي سا- گي ما پا-پا ما پا گي ۽ مي ڌي مي گي- مي گي را سا- نِي نِي- سا را گي- ما گي. ما ڌي مي گي- مي گي را سا آهي. هن جي آروهي: سا گي ما- پا ما گي- مي ڌي سَا ۽ امروهي: سا ني ڌي پا ما– گي پا گي- را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر: مڌم آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت: رات جوپويون پهر آهي.


لفظ پنچم راڳڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو